امان ائين ڇو آهي؟

امان، ائين ڇو آهي؟(ڪتاب ): نوجوان شاعرا، ومي سدارنگاڻيءَ جي ”وڀا پبليڪيشن آديپور- ڪڇ“ پاران ڇپيل ٻارن جي ڪتاب (ٻالڪ جا پاڻ وارتائي سوال) بمعنيٰ ”ممي ائين ڇو آهي“ جو سنڌ ۾ ڇپيل ٻيو ڇاپو ’امان ائين ڇو آهي‘ جي عنوان سان ’ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام‘ مٺي، ضلعي ٿرپارڪر پاران مئي 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جا خوبصورت اسڪيچ شهديو ڏونگراڻي ٺاهيا آهن. هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جو مهاڳ مشهور اديب، ستيش روهيڙا ۽ ٻئي ڇاپي جو مهاڳ تاج جويي لکيو آهي. رايل سائيز جي هن 32 صفحن جي ڪتاب کي ”ٿرديپ“ پاران ٿر جي ڳوٺن ۾ مفت ورهايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو